الياس ڪلهوڙي جو مقبرو

الياس ڪلهوڙي جو مقبرو

الياس محمد ڪلھوڙي جو مقبرو

الياس محمد ڪلھوڙي جو مقبرو: هي مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي وقت جو آهي ۽ ديهه فريد آباد، تپي مڏ باھو، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي. ڪجهه تاريخن ۾ ھن مقبري جو ھنڌ انڙ آباد لکيو ويو آھي، ھي ماڳ باقراڻي ڳوٺ کي ويجھو آھي، جو اتان ھڪ پڪو رستو به نڪري ٿو. ھي باقراڻي- نوآباد روڊ تي آھي. نو آباد ھن کان اتر ڏکڻ ٥ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. مقبري جي اڏاوات ۽ ٺھرائيندڙ بابت به تاريخون خاموش آھن. ڪن تاريخن ۾ سندس مدفن گھاڙ واهه ڏيکاريل آھي. جڏهن ته باقراڻيءَ ويجھو گھاڙ واهه آھي ئي ڪونه. الياس محمد خان، شاھل محمد ڪلھوڙي جو وڏو ڀاءُ ھو، کانئس پوءِ ميان وال تحريڪ جي اڳواڻي شاھل محمد ڪئي. مقبري کي اڳيان احاطي طور پڪين سرن جي ڀت ڪنگرن ۽ چُن گاري سان لنبيل آھي. دروازو، ھڪ ڪمري وانگر اڏاوت ۾، جنھن جي ٻيڙ ٻني تي برجيون ھيون، سو ١٩٧٧ع تائين موجود ھو، پر ١٩٩٥ع ۾ اھو دروازو ڪونه ھو. اھو اوڀر طرف ھو. ھاڻي احاطي واريون ڀتيون ھنڌان ھنڌان ڪري پيون آھن. صرف ٽن نوڪدار ونگن سان دروازو ٺھيل آھي؛ جنھن جي پاسي ۾ اڀين ونگن سان پانيل ٺھيل آھي. وڏي ونگ جي ھيٺان ھڪ ننڍي ونگ ۾ ڪاٺ جو دروازو لڳل آھي، جيڪو 7.9 فوٽ اوچو آھي. وڏي ونگ تي ٻئي پانيل تي دروازي جي مٿان ڪاشيءَ جون سرون لڳل آھن. حاشيي کان مٿي مھاڙي، ڪاشيءَ جي اڀين ۽ سڌين سرن سان سينگاريل آھي. مھاڙيءَ واري وڏي ونگ 13.9 فوٽ اوچي، ٥ فوٽ کن ويڪري ۽ 2.9 فوٽ اندر تي لڳل آھي. روضو چورس 24.6 فوٽ ھر پاسي، ۽ پاسي واريون ڀتيون 25.10 فوٽ ۽ مھاڙي اوچائيءَ ۾ 22.6 فوٽ آھي. ڪنڊن وٽ لڳل برجين جي ماپ 3.8 فوٽ آھي. مقبري جي پاسي ۾، ٽن سڌين قطارن ۾ ٧ پانيل مستطيل نموني جا ٺھيل آھن. ڇت تي گنبذ اڌ گول نموني جو، اٺڪنڊي ڳچ (Drum) جي مٿان ٺھيل آھي. گنبذ جي گھيري جي ماپ 64.6 فوٽ آھي ۽ اوچائي 4.9 فوٽ آھي. گنبذ جي مٿان فانوس ۽ ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آھي. ھن قسم جو فانوس ڪلھوڙن جي اڏاوتن ۾ پراڻي ۾ پراڻو آھي. حجرو چورس، جنھن جو ھر پاسو ١٦ فوٽن جو آھي. ھيٺان فرش کان گنبذ تائين جي ماپ 29.6 فوٽ آھي. ھر ڪنڊ تي ڪنڊ- جوڙ (squinches) ٺاھي چورس حجري کي اٺڪنڊي نموني جو ڪري مٿس ڳچ ٺاھيو ويو آھي. وقت به وقت جي مرمت مقبري جا اصل وسب (Feature) ختم ڪري ڇڏيا آھن. پوءِ به جوڙ- ڪنڊن، رھيل ڀتين ۽ گنبذ جي اندرئين حصي تي آلو چٽ (Fresco) اڃا به سھڻو بيٺل آھي. روضي ۾ ڪل ٽي قبرون آھن، انھن مان اولهه طرف ڪجهه وڏي قبر ميان الياس محمد ڪلھوڙي جي، باقي اڀرندي طرف واريون ٻه قبرون سندس پٽن يارمحمد ۽ تاج محمد جون آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو